مفتي آفتاب احمد

مفتي آفتاب احمد: مفتي آفتاب احمد 24 اپريل 1940ع تي بمبئي، مهاراشٽر پرڳڻي جي ڌول علائقي ۾ جنم ورتو. سندس خاندان 1941ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ اچي آباد ٿيو، جتي پنج سال رهڻ بعد ڪراچيءَ ۾ سڪونت اختيار ڪيائين. آفتاب احمد 1962ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان انجـنيئرنگ ۾ بي. اي (B.E) ۽ ايم. اي (M.E) ڪئي، بعد ۾ ميڪگل يـونـيورسٽيءَ مانٽريال ڪئناڊا مان پي. ايڇ. ڊي ڪيائين. هيءُ پي. ايڇ. ڊي دوران نووا اسڪوٽيا ۽ ڪيوبڪ ۾ ريسرچ اسڪالر به رهيو. ڊاڪٽر آفتاب احمد مفتي ڪمپيوٽر سائنس ۽ انجنيئرنگ جو پروفيسر آهي. هن وقت نووا اسڪوٽيا جي سي. اي. ڊي ۽ سي. اي. ايم سينٽر تيونس جو ڊائريڪٽر آهي. هن کي ڪئناڊا جي مختلف يونيورسٽين ۾ تدريس جو تجربو پڻ آهي. ڊاڪٽر آفتاب احمد 1980ع کان 1984ع تائين ڪمپيوٽر ايپليڪيشن ڊويزن ڪينيڊين سوسائٽي سول انجنيئرنگ جو چيئرمئن ٿي رهيو. هي اي. آءِ. سي جي انجنيئرنگ ڊويزن جو چيئرمئن به رهيو آهي، جتي ’سول انجنيئرنگ ڪئناڊا‘ ريسرچ جرنل جي اشاعت ۾ سب ايڊيٽر ٿي رهيو. ڊاڪٽر آفتاب مفتي جا پنجاهه کان وڌيڪ ڪتاب علمي ادارن پاران ڇپيل آهن. سندس مشهور ڪتاب ’ايليمينٽري ڪمپيوٽر گرافڪس‘ ورجينيا يونائٽيڊ اسٽيٽ آف آمريڪا پاران ڇپيل آهي. جيڪو ڪيگاڪو پاران ٽوڪيو جپان مان پڻ ڇپايو ويو. 1969ع ۾ ڪئناڊا جي انجنيئرنگ اڪيڊميءَ طرفان کيس ”Matrix Analysis of Shells Using Finite Elements“ جي عنوان هيٺ ريسرچ پيپر لکڻ جي عيوض ’فلپس جانسن اوارڊ‘ ڏنو ويو، سندس هڪ پٽ جاويد مفتي به ڪئناڊا ۾ پروفيسر ۽ ڊائريڪٽر آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1940.04.24  عيسوي

مفتي آفتاب احمد 24 اپريل 1940ع تي بمبئي، مهاراشٽر پرڳڻي جي ڌول علائقي ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اربيلو فقير ڪٽپر
افروز صديقي
رُٿ فاءَ، ڊاڪٽر Dr. Ruth Pfau
جوهر شوڪت علي مولانا
بهلول لوڌي
عابده سلطان شهزادي
آچر پاڪستاني
ڌياڻو مخدوم عربي
وسيم راجا
عرفان مهدي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون